موسميات کاتي جي 7 کان 9 سيٽمبر دوران سنڌ ۾ وقفي وقفي سان شديد برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)موسميات کاتي 7 کان 9 سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ وقفي وقفي سان شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ هن وقت مڌيه پرديش (ڀارت) ۾ موجُود آهي جنهن جي اولهه/اتر اولهه طرف وڌڻ ۽ 6 سيپٽمبر تي راجسٿان سان لاڳاپيل سنڌ جي علائقن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ان موسمي نظام سبب سنڌ ۽ پنجاب جي اوڀر وارن علائقن ۾ …

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)موسميات کاتي 7 کان 9 سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ وقفي وقفي سان شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ هن وقت مڌيه پرديش (ڀارت) ۾ موجُود آهي جنهن جي اولهه/اتر اولهه طرف وڌڻ ۽ 6 سيپٽمبر تي راجسٿان سان لاڳاپيل سنڌ جي علائقن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ان موسمي نظام سبب سنڌ ۽ پنجاب جي اوڀر وارن علائقن ۾ 6 سيپٽمبر کان شديد سانوڻي جون هوائون داخل ٿيڻ جي اميد آهي. جنهن جي اثر هيٺ سنڌ ۾ 6 کان 9 سيپٽمبر دوران ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏاهلي، ڏيپلو، ڪلوئي، عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ڪراچي، ٺٽو، بدين، سجاول، ڄامشورو، دادو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ اڪثر ماڳن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو به امڪان آهي. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 8 سيپٽمبر دوران لاهور، قصور، شيخپوره، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙه، سياهيوال، پاڪپٽڻ، بهاولنگر، وهاڙي، خانيوال، ملتان، لوڌران، بهاولپور ۽ ٻين اعلان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. ان دوران اسلام آباد/راولپنڊي، ميري گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاوالدين، گجرات، گجرانوالا، حافظ آباد ۽ وزيرآباد ۾ به تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب بلوچستان ۾ 7 کان 9 سيپٽمبر دوران بارکان، موسيٰ خيل ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.