فلسطين هڪ قوم يا علائقو ناهي سموري انسانيت جو مسئلو آهي: سردار محمد يوسف

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته فلسطين هڪ قوم يا علائقو ناهي سموري انسانيت جو مسئلو آهي، اسرائيل ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آهي، عالمي برادري فوري توجهه ڏئي. اها ڳالهه هن علماء ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڪوٺايل فلسطين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن ڪانفرنس ۾ چيف جسٽس آف فلسطين کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته فلسطين هڪ قوم يا علائقو ناهي سموري انسانيت جو مسئلو آهي، اسرائيل ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آهي، عالمي برادري فوري توجهه ڏئي. اها ڳالهه هن علماء ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڪوٺايل فلسطين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن ڪانفرنس ۾ چيف جسٽس آف فلسطين کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته فلسطين اسان جي ايمان جو حصو آهي، پاڪستان جي سمورين حڪومتن جي پاليسي آزاد فلسطيني رياست رهي آهي، هي هڪ قوم يا علائقو نه پر پوري انسانيت جو مسئلو آهي، فلسطين ۾ اسرائيل ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آهي، ان معاملي تي عالمي ضمير کي هاڻ جاڳڻ گهرجي. هن چيو ته سيرت النبيﷺ ڪانفرنس  ۾ به بيت المقدس جو امام شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فلسطينين ۽ ڪشميرين لاءِ ڀرپور آواز اُٿاريو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي. اسرائيلي ڏاڍ جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، عالمي دنيا سميت سلامتي ڪائونسل فلسطينين جو مسئلو حل ڪري. سردار يوسف چيو ته هن سال پاڪستان ۾ 50هين سيرت النبيﷺ ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي. 6 سيپٽمبر يومِ دفاع ۽ 12 ربيع الاول هڪ ئي ڏينهن آهي. پاڪستان جو دفاع ۽ سيرت النبيﷺ جون 1500هين ساله تقريبون هڪ ئي ڏينهن منعقد ٿينديون، چين ۾ به وزيراعظم فلسطينين ۽ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.