اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪنٽري ريپرزنٽيٽو پرنيلي آئرن سائيڊ جي اڳواڻيءَ ۾ يونيسيف جي وفد ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن جي تحفظ جي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير يونيسيف وفد جي آجيان …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪنٽري ريپرزنٽيٽو جي اڳواڻيءَ ۾ يونيسيف جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪنٽري ريپرزنٽيٽو پرنيلي آئرن سائيڊ جي اڳواڻيءَ ۾ يونيسيف جي وفد ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن جي تحفظ جي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير يونيسيف وفد جي آجيان ڪندي هن اميد جو اظهار ڪيو ته آئرن سائيڊ جو پاڪستان ۾ قيام خوشگوار ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٻارن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن لاءِ محفوظ پرورش وارو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهم موضوعن ۾ ٻارن تي تشدد جي روڪٿام، يونيسيف جي سهڪار سان هڪ گهڻ ساله ورڪ پلان جي تياري شامل هئي ته جيئن ٻارن کي هر قسم جي تشدد ۽ استحصال کان محفوظ بڻائي سگهجي. پرنيلي آئرن سائيڊ پاڪستان حڪومت جي هاڻوڪي قدمن خاص ڪري چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ ٻين سڌارا جاتي پاليسين کي بيحد ساراهيو جيڪي ٻارن جي تحفظ لاءِ اختيار ڪيا ويا آهن. هن خاطري ڪرائي ته يونيسيف ٻارن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن جي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور تعاون جاري رکندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته گڏيل سهڪار عمل ۽ ويجهي هم آهنگي ذريعي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌايو ويندو ته جيئن ٻارن جي فلاح بهبود ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ٺوس ۽ مؤثر اڳڀرائيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.












