بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين زراعت، اليڪٽرڪ وهيڪلز، شمسي توانائي، صحت، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيميڪلز، لوهه ۽ اسٽيل سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر ماليت جي 21 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو …
پاڪستان ۽ چين پاران زراعت، اليڪٽرڪ وهيڪلز، شمسي توانائي، صحت، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيميڪلز، لوهه ۽ اسٽيل سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر ماليت جي 21 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون

مزید خبریں
بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين زراعت، اليڪٽرڪ وهيڪلز، شمسي توانائي، صحت، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيميڪلز، لوهه ۽ اسٽيل سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر ماليت جي 21 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان چين بي ٽو بي ڪانفرنس ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ لانگ مارچ هوندو، اهو لانگ مارچ پاڪستان کي اهڙي ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو جتي اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، منافعو ڏيندڙ روزگار جا لکين موقعا پيدا ٿيندا، جي ڊي پي ترقي ڪندي ۽ معيشت مضبوط ٿيندي، پاڪستان چين سان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ تعاون چاهي ٿو، چين جي ترقي اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، چيني سيڙپڪارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، چيني صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقلي سان سستي ليبر سميت ٻيون سهولتون ملنديون، پاڪستان ۾ چيني ڀائرن جي سيڪيورٽي تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. پاڪستان چين بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس جي موقعي تي مفاهمت جي يادداشتن ۽ جوائنٽ وينچرز تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ ناليواري پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي نمائندن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. 1.54 ارب ڊالر جي جوائنٽ وينچرز هاءِ ٽيڪ، زراعت، ميڊيڪل ۽ صحت، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيميڪل، آئرن اسٽيل ۽ ٽامي، شمسي توانائي، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي شعبن سان، لاڳاپيل ڪمپنين جي نمائندن مفاهمت جي يادداشتن ۽ جوائنٽ وينچرز تي صحيحون ڪيون.

پاڪستان چين بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي ته انتهائي اهميت رکندڙ چيني ڪاروباري ادارن کي مخاطب آهيان، آئون پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيان، پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري ۽ اسٽيل ۽ آئرن کان مضبوط ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، اسان جي اها دوستي ديانتداري، گڏيل احترام ۽ هڪ ٻئي سان هر خوشي ۽ مشڪل جي گهڙيءَ ۾ تعاون جي بنياد تي قائم آهي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو مخلص، سچو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، زلزلو هجي يا ٻوڏ جهڙي طرح چين پاڪستان سان گڏ بيٺو اهڙو ڪنهن ٻئي ملڪ جو مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجي دل جي گهرائين سان چوڻ چاهيان ٿو ته اسان جي عظيم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسان جي بزرگن جيڪي لاڳاپا قائم ڪيا هئا، اهي تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ انهن کي وڌيڪ اڳتي وٺي وينداسين، 2015ع ۾ چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ منهنجي تمام گهڻي پياري ڀاءُ چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سي پيڪ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ ان جي نتيجي ۾ چيني ڪمپنين 35 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڪئي. وزيراعظم چيو ته چيني سيڙپڪاري سان 22، 22 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيو ۽ 2018ع ۾ پاڪستان توانائي جي ضرورتن ۾ پاڻڀرو ٿيو، صنعتون بحال ٿيون، زراعت بحال ٿي، انفراسٽرڪچر جا وڏا منصوبا، روڊ نيٽ ورڪ، اورنج لائين لاهور، ڊيمز ۽ ٻيا ڪيترائي منصوبا شروع ٿيا ۽ پاڪستان جي معيشت کي ترقي ملي. وزيراعظم چيو ته پر بدقسمتي سان وچ ۾ اهو سلسلو رڪجي ويو پر اڄ نه رڳو اهي منصوبا بحال ٿيا پر ٻطرفي اعتماد، گڏيل احترام ۽ گرمجوشي ۾ اضافو ٿيو جيڪو وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سي پيڪ 2.0 جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اهو سي پيڪ 2.0 بي ٽو بي سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته زراعت جو شعبو پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان جي معيشت جو 60 سيڪڙو دارومدار زراعت تي آهي، چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي دعوت ڏيان ٿو ته پنهنجا تجربا، مهارتون ۽ سيڙپڪاري پاڪستان جي زرعي شعبي تي لڳائين ۽ زراعت کي فروغ ڏين جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو، چين اهي شيون پاڪستان مان درآمد ڪري سگهندو جيڪي ٻين ملڪن مان ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) هڪ ٻيو باصلاحيت شعبو آهي جنهن ۾ چين عالمي سطح تي سڀ کان اڳتي آهي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات گڏيل تعاون جو هڪ ٻيو اهم باصلاحيت شعبو آهي. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي خصوصي اقتصادي زونز سي پيڪ 2.0 جا بنيادي ٿنڀ آهن جيڪي چيني سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، چين ٽيڪسٽائيل، چمڙي ۽ ٻين شعبن جي صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪري سگهي ٿو ۽ پاڪستان جي افرادي قوت مان فائدو کڻي سگهي ٿو جيڪي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ لاڳت تي ميسر آهي، چيني سيڙپڪار ٿرڊ ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ انهن سهولتن مان فائدو کڻندي پنهنجو منافعو وڌائي سگهن ٿا.

وزيراعظم چيو ته آئون چيني سيڙپڪارن تي زور ڏيان ٿو ته اهي اڳتي وڌن ۽ انهن موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم چيو ته بيجنگ ۾ پاڪستاني وزير ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪامرس ۽ سمورن شعبن جا عملدار موجود آهن جيڪي چيني سيرپڪارن کي سهولت فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته انهن جي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان چين جهڙي عظيم دوست ملڪ سان اقتصادي لاڳاپن کي ڪيتري قدر اهميت ڏي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو بطور چيف ايگزيڪيوٽو آف پاڪستان ۽ بطور پاڪستاني وزيراعظم آئون هتي موجود آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي معيشت مضبوط ٿيندي ته ٻئي ملڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معيشت هاڻي مستحڪم آهي ۽ اقتصادي انگ اکر مستقبل جي مثبت اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، گهٽ مدي واري، وچولي مدي واري ۽ ڊگهي مدي واري سطح تي معاشي ترقي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ جي پاڪستان سان تعاون جي ذاتي عزم جي ڪري اهو سڀ ممڪن ٿيو آهي ۽ هاڻي اسان اقتصادي ترقي جي ڊوڙ ۾ چين جي تعاون سان ٻين ملڪن جي مقابلي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم واضح ڪيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي اسان جي اولين ترجيح آهي، اچو اڳتي وڌون ۽ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪريون ۽ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. محمد شهباز شريف چيو ته چيني ڀائرن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪنداسين. ان موقعي تي هن ٻه ٽي هفتا اڳ چيني گروپ جي ماڻهن جي نشاندهي تي درپيش مسئلي کي 24 ڪلاڪن ۾ حل ڪرڻ جو مثال ڏنو ۽ چيو ته اسلام آباد ۾ چيني گروپ ملاقات ۾ ٻڌايو ته کين ڪجهه مسئلا درپيش آهن جنهن تي مون پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ اهو مسئلو حل ڪيو ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو آئون توهان سڀني کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان اهڙي طرح توهان جو ٻيو گهر آهي جهڙي طرح چين اسان جو ٻيو گهر آهي، اڳتي وڌو ۽ جوائنٽ وينچر سيڙپڪاري ڪريو، سموريون وزارتون، ادارا ۽ کاتا چيني سيڙپڪارن سان ڀرپور تعاون ڪندا ۽ جلد اسان چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪاري جي ذريعي رڳو هڪ نه پر هڪ کان وڌيڪ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اهو منهنجو خواب آهي ۽ اسان ان خواب کي معاهدن تي عملدرآمد جي ذريعي پورو ڪنداسين، سي پيڪ 2.0 منهنجي لاءِ سڀ کان اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته چين 15 سالن ۾ دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويو آهي ۽ دنيا جي بهترين عسڪري وقت آهي ۽ اهو محنت، محنت ۽ محنت سان ممڪن ٿيو آهي ۽ اسان چيني ماڊل جي ذريعي پاڪستان کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين کي جيڪا شاندار ترقي ملي آهي ان جو مثال نه ٿو ملي، چين 700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ نه رڳو پنهنجي ماڻهن کي روزگار ڏنو پر دنيا جي هزارين ماڻهن کي روزگار جي آڇ ڪري رهيو آهي ۽ خوشحالي طرف گامزن آهي، اڄ پنهنجي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ صنعتي ترقي طرف وڌڻ جو وقت آهي ۽ پاڪستان هڪ متحرڪ معيشت ۾ بدلجندو. ڪانفرنس ۾ پنهنجي پڄاڻي وارن جملن ۾ وزيراعظم چيو ته سيڙپڪارن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا خوش آئنده آهي، ماضي ۾ به اهڙي طرح جي تقريب ٿيندي رهي آهي پر اڻٿڪ ڪوششن ۽ سخت محنت سان اهو ممڪن ٿيو آهي، پاڪستان ۾ چين جي سفير، چيني حڪومت ۽ چين جي عظيم ڪاروباري شخصيتن ان کي ممڪن بڻايو آهي، لاڳاپيل وفاقي وزيرن، سيڙپڪاري بورڊ، ايس آءِ ايف سي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطي سان ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، مفاهمت جي يادداشتن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو. هن چيو ته 1.5 ارب ڊالر جي جوائنٽ وينچرز تي پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين پاران صحيحون ڪيون ويون آهن، مفاهمتي يادداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد اسان جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، ان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ٻنهي حڪومتن کي ويجهي رابطي جي ذريعي اڳتي وڌڻو پوندو، چين ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير ۽ اسان جي وفاقي وزيرن کي لاڳاپيل چيني عهديدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يقين آهي ته اسان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته ڪاروباري برادري جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ساراهه جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ جوائنٽ وينچرز تي جيڪڏهن اسان عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته اهو ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ لانگ مارچ هوندو ۽ اهو لانگ مارچ بيجنگ کان شروع ٿي ۽ اسلام آباد پنهنجي منزل تي پهچي ختم ٿيندو ۽ اهو لانگ مارچ پاڪستان کي اهڙي ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو جتي اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، منافعو ڏيندڙ روزگار جا لکين موقعا پيدا ٿيندا، اسان جي جي ڊي پي ترقي ڪندي ۽ معيشت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ان چئلينج کي قبول ڪندي اسان اڄ شام کان ترقي جو لانگ مارچ شروع ڪنداسين ۽ اقتصادي ترقي جي منزل تي پهچڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين ۽ ان جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪنداسين ۽ اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ شاندار لمحو هوندو ان مقصد جي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا، کاتا ۽ نجي شعبو گڏجي مڪمل هم آهنگي ۽ تعاون سان ڪمڪ ندا. وزيراعظم چيو ته بي ٽو بي ڪانفرنس پاڪستان جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي، آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته آئون اقتصادي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندس، ان جي لاءِ اسان کي سخت محنت ڪرڻي پوندي، ان سان پاڪستان ۽ چين اهي رول ماڊل بڻجندا جنهن جي ٻيا ملڪ پڻ پيروي ڪندا.










