اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطين جي قاضي القضا ڊاڪٽر محمود صدقي عبدالرحمان الهباش جي اڳواڻيءَ ۾ 4 رڪني وفد ڪالهه مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن واري ترجمان موجب فلسطيني وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سردار محمد يوسف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته فلسطيني قوم جي …
فلسطين جي قاضي القضا ڊاڪٽر محمود صدقي عبدالرحمان الهباش جي اڳواڻيءَ ۾ 4 رڪني وفد جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ملاقات
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطين جي قاضي القضا ڊاڪٽر محمود صدقي عبدالرحمان الهباش جي اڳواڻيءَ ۾ 4 رڪني وفد ڪالهه مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن واري ترجمان موجب فلسطيني وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سردار محمد يوسف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته فلسطيني قوم جي حمايت دين، نسل، عقيدي ۽ ثقافت کان مٿانهون ٿي هڪ انساني ۽ اخلاقي فرض آهي. غزه ۾ جاري مسلسل قتلِ عام انسانيت ۽ مقدس ماڳن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان هر حال ۾ فلسطين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي غزه جي مظلومن لاءِ امدادي سامان موڪليو پيو وڃي. فلسطيني وفد جي سربراهه چيو ته غزه ۾ ظلمن خلاف مؤثر آواز اُٿارڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. سيپٽمبر مهيني ۾ ڪيترائي ملڪ فلسطين کي آزاد ۽ خودمختيار رياست تسليم ڪندا، اهو وقت ويجهو آهي جڏهن عالمِ اسلام جا ليڊر مسجد اقصيٰ ۾ گڏ ٿي شڪراني جا نفل ادا ڪندا. ملاقات ۾ عالمن جي مٽاسٽا ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ مسجد اقصيٰ ۽ مسجد ابراهيمي جا امام پڻ موجود هئا.












