مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان افغانستان جي عوام سان گڏ آهي: انجنيئر امير مقام

طورخم-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان افغان عوام سان گڏ آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار به افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه افغانستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ طورخم سرحد تي …

طورخم-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان افغان عوام سان گڏ آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار به افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه افغانستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ طورخم سرحد تي پاڪستان طرفان امدادي سامان افغان عملدارن حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ويجهڙ ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي، ٻوڏ ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوءِ پنجاب ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جڏهن ته هن مشڪل صورتحال باوجود پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان جي عوام سان گڏ آهن. وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني مالي نقصان تي وزيراعظم شهباز شريف بيان ڏنو ۽ تعزيت ڪئي. اهڙيءَ طرح نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به افغان پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هن قدرتي آفت ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغان متاثرن سان تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ هي پيغام آهي ته ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان افغان متاثرن سان گڏ آهي، سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان کان اڳ پاڪستان افغانستان ۾ هاڻوڪي زلزلي سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ 105 ٽن امدادي سامان روانو ڪيو. هي امدادي قافلو خوراڪ، دوائون، خيما، ڪمبل ۽ ٻين ضروري شين تي ٻَڌل آهي.