ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 1477 ارب حاصل ڪيا: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 1477 ارب رپيا حاصل ڪيا. اسٽيٽ بئنڪ موجب ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 400 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته گهربل هدف کان وڌيڪ 1477 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا. هڪ مهيني جي مُدت جي ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 580 ارب رپيا، 3 مهينن ۾ 318 ارب رپيا، 6 مهينن …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 1477 ارب رپيا حاصل ڪيا. اسٽيٽ بئنڪ موجب ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 400 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته گهربل هدف کان وڌيڪ 1477 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا. هڪ مهيني جي مُدت جي ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 580 ارب رپيا، 3 مهينن ۾ 318 ارب رپيا، 6 مهينن ۾ 170 ارب رپيا ۽ هڪ سال جي مُدي دوران ٽريزري بلز جي نيلاميءَ سان 409 ارب رپيا حاصل ٿيا. هڪ مهيني جي ٽريزري بلز جي منافعي جي شرح ۾ 15 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ٻين مُدت جي ٽريزري بلز تي منافعي جي گذريل شرح برقرار رکي وئي آهي.