بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. بيجنگ جي ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جي بيجنگ ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر هين زيرونگ، چين ۾ مقرر پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ۽ سفارتي عملي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

مزید خبریں
بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. بيجنگ جي ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جي بيجنگ ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر هين زيرونگ، چين ۾ مقرر پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ۽ سفارتي عملي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي 25هين اجلاس ۽ شنگهائي تعاون تنظيم پلس اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم فاشزم جي خلاف عالمي جنگ جي 80هين سالگرهه جي تقريبن ۾ پڻ شريڪ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي قيام دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم سميت روس، ايران، ترڪيه، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بيجنگ ۾ منعقد ٻي پاڪ – چين بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ۽ سيڙپڪار ڌرين سان واپاري لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










