بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه کي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو مرڪزي ٿنڀ قرار ڏيندي سي پيڪ فيز 2 جي حوالي سان مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير لي ليچينگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم …
وزيراعظم پاران چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو مرڪزي ٿنڀ قرار

مزید خبریں
بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه کي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو مرڪزي ٿنڀ قرار ڏيندي سي پيڪ فيز 2 جي حوالي سان مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير لي ليچينگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم چين سان صنعت، زراعت، واپار، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي ويزن جو ورجاءُ ڪيو. هن چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه کي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو مرڪزي ٿنڀ قرار ڏنو ۽ سي پيڪ فيز 2 ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا کي ساراهيندي چيني وزير لي ليچينگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان کي پنهنجو گهرو دوست ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. هن پاڪستان سان بطرفي لاڳاپن کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ چين جي پختي عزم جو اظهار ڪيو.










