وزيراعظم جي چين جي دوري سان پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا نئين ۽ بي مثال بلندين تائين پهچي ويا آهن: عطاءُ الله تارڙ

بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان دوري سان پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا نئين ۽ بي مثال بلندين تائين پهچي ويا آهن. ٻي پاڪ چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو …

بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان دوري سان پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا نئين ۽ بي مثال بلندين تائين پهچي ويا آهن. ٻي پاڪ چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت سي پيڪ 2.0 جي ترقي کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو محبور بي ٽو بي حصيداري، پاڪستان ۾ صنعتي ترقي، علائقائي رابطن ۾ اضافو ۽ قراقرم هاءِ وي (ڪي ڪي ايڇ) جي نئين سر تعمير ۽ توسيع آهي. آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ موقعن کي اجاگر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ترقي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي لاءِ تمام گهڻو احترام رکي ٿو ۽ کيس پنهنجو رول ماڊل تصور ڪري ٿو جڏهن ته چين جي دوري دوران چيني قيادت سان ٿيندڙ ملاقاتون انتهائي خوشگوار ۽ پرخلوص رهيون. هن چيو ته دنيا ڏٺو آهي ته پاڪ چين هر موسم جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جبل وانگر مضبوط آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان کي فولادي ڀائر چيو وڃي ٿو، اهو رشتو اسان جي عوام جي لاءِ حقيقي طور تي تحريڪ جو سبب آهي. سي پيڪ 2.0 تحت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وزير عوامي سطح تي رابطن جي اهميت ۽ چين جي وڌيڪ نوجوانن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيني سوشل ميڊيا انفلوئنسرز کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان جي ثقافت، آءِ ٽي جي شعبي ۽ وسيع سياحتي جاين کي ويجهي کان ڏسن ۽ اجاگر ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ چين دوستي اسان جي ثقافت ۾ رچيل بسيل آهي، اهو رشتو واقعي اسان جي رت جو حصو آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي نوجوانن تي ٻڌل هڪ وفد جلد چين جو دورو ڪندو ته جيئن نئين نسل جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي نوجوان انفلوئنسرز جي وچ ۾ رابطي ۾ اضافو ٿئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفو واپار تيزي سان وڌي رهيو آهي، پاڪستاني صنعتڪار چيني منڊيءَ تائين پهچ جا خواهشمند آهن جڏهن ته چيني ڪاروباري ادارا پاڪستان ۾ موقعا ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جون منڊيون هڪ ٻئي جي لاءِ کليل آهن، چيني صنعتن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪارخانا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برآمدات جي مرڪز طور استعمال ڪرڻ جا بي پناهه امڪان موجود آهن. گڏيل منصوبن، سيڙپڪاري ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي اسان پنهنجي تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وڃي سگهون ٿا.

مزید خبریں