صدر پاران پيپلزپارٽي يو ايس اي جي صدر خالد اعواڻ ۽ سندس ٽيم طرفان آمريڪا ۾ پارٽي کي مضبوط بڻائڻ وارين پرخلوص ڪوششن جي ساراهه

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پيپلزپارٽي يو ايس اي جي صدر خالد اعواڻ ۽ سندس ٽيم جي سڄي آمريڪا ۾ پارٽي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرخلوص ڪوششن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خالد اعواڻ جي نالي خط ۾ صدر چيو ته پيپلزپارٽي يو ايس اي ۾ هزارين ڪارڪنن جي …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پيپلزپارٽي يو ايس اي جي صدر خالد اعواڻ ۽ سندس ٽيم جي سڄي آمريڪا ۾ پارٽي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرخلوص ڪوششن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خالد اعواڻ جي نالي خط ۾ صدر چيو ته پيپلزپارٽي يو ايس اي ۾ هزارين ڪارڪنن جي شموليت هڪ ذڪر جوڳو سنگ ميل آهي جيڪو پارٽي کي ٻاهرئين ملڪ مضبوط ڪرڻ جي ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته ان ڪاميابي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۾ جمهوريت، سماجي انصاف ۽ عوامي خدمت جي پارٽي جي نظرين کي نئين توانائي ملي آهي ۽ ان جي سياسي بصيرت ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر پيپلزپارٽي يو ايس اي جي صدر جي خدمتن جو اعتراف ڪندي چيو ته ان جون ڪوششون پارٽي کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستاني ڄائي آمريڪي برادري جي وچ ۾ لاڳاپن کي پڻ مضبوط ڪري رهي آهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي يو ايس اي انهي جذبي ۽ لگن سان پارٽي جي مشن ۽ قدرن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.