اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس، 9 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ مبينه طور تي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ نامزد 9 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي پي پي جو ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي تياري مڪمل …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ مبينه طور تي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ نامزد 9 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي پي پي جو ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي تياري مڪمل آهي، اسان درخواستن تي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻڌڻي دوران خرم بيگ ايڊووڪيٽ ۽ حسنين حيدر ٿهيم سميت ٽن وڪيلن اي پي پي طرفان پنهنجا وڪالت ناما عدالت ۾ جمع ڪرايا. عدالت سمورن جوابدارن جي حاضري لڳرائي. پيش ٿيلن ۾ اي پي پي جو اڳوڻو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، اڳوڻو اڪائونٽ مينيجر عمران منير، ساجد علي، اڳوڻو آڊٽ انچارج طاهر گهمن، اڳوڻو اسسٽنٽ مينيجر بجيٽ مرتضيٰ، خرم شهزاد، اڳوڻو سيڪريٽري ٽو ايم ڊي اعجاز مقبول، ادريس چوڌري ۽ شاهد لطيف شامل هئا. ٻڌڻي دوران جج پڇيو ته ڇا سمورن جوابدارن جا وڪيل موجود آهن، ان تي هڪ وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهن، جنهن تي جج همايون دلاور ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڪو بهانو نه هلندو، ٻيهر ڪنهن به جوابدار جو وڪيل غير حاضر هوندو ته هڪ منٽ ۾ ضمانت خارج ڪري ڇڏيندس. عدنان اڪرم باجوه جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته سندس موڪل جي درخواست تي ڌار ٻڌڻي ڪئي وڃي. عدالت واضح ڪيو ته سمورن درخواستن تي گڏ ئي ٻڌڻي ٿيندي. جج رمارڪس ڏنا ته هي ڪو ريزڪي دڪان ناهي، هڪ هڪ ڪري دليل نه ٻڌندس، سمورا وڪيل تياري سان اچن، غير سنجيدگي برداشت نه ڪندس، ٻڌڻي دوران جوابدار خرم شهزاد جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته کيس پنهنجي موڪل تي لڳايل الزامن جو علم ناهي، جنهن تي عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر محمد جنيد کي هدايت ڏني ته جوابدارن کي الزامن کان آگاهه ڪيو وڃي. جاچ آفيسر محمد جنيد عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار اعجاز مقبول اڳوڻي سيڪريٽري ٽو ايم ڊي طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي 7 لک 50 هزار ۽ 2.5 لک روپين جا چيڪ وصول ڪيا جن جي سرڪاري استعمال جو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، جوابدار خرم شهزاد سيلري ڪريڊٽ شيٽ مان 2 ڪروڙ 27 لک روپين جو چيڪ ڪيش ڪرايو، جوابدار مرتضيٰ جي ذاتي اڪائونٽ ۾ 79 لک روپين کان وڌيڪ رقم منتقل ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ ٻي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين روپيا جمع ٿيا، جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار عمران منير اڳوڻو مينيجر اڪائونٽ هو، مينيجر جي حيثيت سان سندس مقرري دوران ترتيبوار هڪ ڪروڙ 80 لک، 2 ڪروڙ، هڪ ڪروڙ 78 لک ۽ هڪ ڪروڙ 47 لک روپين جا چيڪ غير قانوني طريقي سان ڪيش ڪرايا ويا جن جي غبن جو شاهديون موجود آهن. جوابدار ساجد علي به اڳوڻو مينيجر اڪائونٽس رهيو. ان دور ۾ به پراويڊنٽ فنڊ مان 2 ڪروڙ 27 لک روپيا ٽرانسفر ڪيا ويا، جڏهن ته 98 لک کان وڌيڪ جا چيڪ به غير قانوني طور جاري ٿيا. جوابدار شاهد لطيف تي الزام آهي ته هن حاضر سروس ملازمن جي اڪائونٽن ۾ پينشن جي رقم منتقل ڪئي ۽ ايئن ڪارپوريشن جي فنڊز کي تمام وڏو نقصان پهچايو. جوابدار طاهر گهمن آڊٽ انچارج جي حيثيت سان پنهنجي ذميواري ادا نه ڪري سگهيو، هر جاري ٿيل چيڪ ليجر مان چيڪ ڪرائڻ ۽ سرڪاري بئنڪ جي اڪائونٽ مان ادائيگي ۽ منظور ٿيل رقم کي گڏيل طور هڪ جهڙو هجڻ ضروري هو جڏهن ته سرڪاري ذميواري پوري نه ڪرڻ ۽ سهولتڪاري تي ان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. ڪيس جي جاچ آفيسر محمد جنيد عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر عدنان اڪرم باجوه تي الزام آهي ته ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر طور اداري جي مالي معاملن جي نگراني سندس ذميواري هئي، جنهن کي ادا ڪرڻ ۾ هو ناڪام رهيو ۽ ايئن اداري جا مالي معاملا نه رڳو بدنظمي جا شڪار ٿيا پر شريڪ جوابدارن کي ڦُرلٽ جا آزاد موقعا فراهم ڪيا ويا. ان موقعي جج حڪم ڏنو ته سمورن جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تي ٿيندي ۽ سمورا وڪيل تياري سان عدالت ۾ پيش ٿين. ٻي صورت ۾ غير حاضري جي صورت ۾ ضمانت خارج ڪئي ويندي، واضح رهي ته ايف آءِ اي قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ ڪروڙين روپين جي غبن ۽ بدعنواني تي مجموعي طور تي 16 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.