اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي گذريل مالي سال دوران 68 کرب، 54 ارب، 16 ڪروڙ روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت جي دستاويزن مطابق مالي سال 25-2024ع دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مجموعي طور 68 کرب، 54 ارب، 16 ڪروڙ روپين جي فنڊز جي منتقلي عمل ۾ آندي وئي، مالي سال 24-2023ع …
اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي گذريل سال دوران 68 کرب، 54 ارب، 16 ڪروڙ روپين جا فنڊز منتقل ڪيا: ناڻي واري وزارت
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي گذريل مالي سال دوران 68 کرب، 54 ارب، 16 ڪروڙ روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت جي دستاويزن مطابق مالي سال 25-2024ع دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مجموعي طور 68 کرب، 54 ارب، 16 ڪروڙ روپين جي فنڊز جي منتقلي عمل ۾ آندي وئي، مالي سال 24-2023ع دوران اين ايف سي تحت صوبن کي 52 کرب، 63 ارب، 62 ڪروڙ 70 لک روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا ھئا. انگن اکرن مطابق مالي سال 25-2024ع دوران وفاق طرفان پنجاب کي 33 کرب، 26 ارب، 83 ڪروڙ، 70 لک روپيا، سنڌ کي 17 کرب، 4 ارب، 34 ڪروڙ، 90 لک روپيا، خيبرپختونخوا کي 11 کرب، 2 ارب، 85 ڪروڙ، 40 لک روپيا ۽ بلوچستان کي 7 کرب، 19 ارب، 97 ڪروڙ، 60 لک روپين جي فنڊز جي منتقلي ٿي. انگن اکرن مطابق مالي سال 24-2023ع ۾ اين ايف سي تحت صوبن کي 52 کرب، 63 ارب، 62 ڪروڙ، 70 لک روپين جا فنڊز منتقل ڪيا ويا ھئا، مالي سال 24-2023ع ۾ اين ايف سي تحت پنجاب کي 25 کرب، 72 ارب، 60 ڪروڙ روپيا، سنڌ کي 13 کرب، 16 ارب، 52 ڪروڙ، 10 لک روپيا، خيبرپختونخوا کي 8 کرب، 62 ارب، 90 ڪروڙ 50 لک روپيا ۽ بلوچستان کي 5 کرب، 11 ارب، 60 ڪروڙ، 20 لک روپين جي فنڊز جي منتقلي عمل ۾ آندي وئي ھئي.












