قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينھن جي وقفي کانپوءِ جمعي تي ٻيھر ٿيندو

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينھن جي وقفي کانپوءِ جمعي ڏينھن ٻيھر ٿيندو. اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ھيٺ صبح 11 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي وڌيڪ بحث جو امڪان آھي. قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينھن شروع ٿيو ھو جڏھن ته سومر ۽ اڱاري ڏينھن معمول جي ڪارروائي روڪي ٻوڏ جي صورتحال تي …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينھن جي وقفي کانپوءِ جمعي ڏينھن ٻيھر ٿيندو. اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ھيٺ صبح 11 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي وڌيڪ بحث جو امڪان آھي. قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينھن شروع ٿيو ھو جڏھن ته سومر ۽ اڱاري ڏينھن معمول جي ڪارروائي روڪي ٻوڏ جي صورتحال تي بحث ڪرائي وئي جنھن کانپوءِ اجلاس جمعي جي صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو ھو.