اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) خبردار ڪيو آهي ته سانوڻي جي 9 لهر ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن تائين وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي، 4 کان 5 سيپٽمبر دوران پنجند واري هنڌ تي راوي، چناب ۽ ستلج کان ايندڙ ٻوڏ جي وهڪرن سبب پنجند واري هنڌ خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ …
سانوڻي جي نائين لهر ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن تائين وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي: اين ڊي ايم اي
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) خبردار ڪيو آهي ته سانوڻي جي 9 لهر ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن تائين وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي، 4 کان 5 سيپٽمبر دوران پنجند واري هنڌ تي راوي، چناب ۽ ستلج کان ايندڙ ٻوڏ جي وهڪرن سبب پنجند واري هنڌ خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو سلسلو جاري رهندو. نارووال، سيالڪوٽ، گجرانوالا، گجرات ۽ لاهور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شديد برساتون ٿيون. ان لهر جي اثر هيٺ 6 سيپٽبمر کان ملڪ جي ڏاکڻي علائقن سميت ڏکڻ پنجاب ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ برساتن جو امڪان آهي. ملڪ جي ساحلي علائقن سميت بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي. ملڪ ۾ غير معمولي برساتن ۽ دريائن ۾ پاڻي جي آمد سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي. 4 کان 5 سيپٽمبر دوران پنجند واري هنڌ تي راوي، چناب ۽ ستلج جا ٻوڏ جا وهڪرا گڏ ٿيندا، ٽنهي دريائن مان آيل ٻوڏ جي وهڪرن سبب پنجند واري هنڌ تي خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻوڏ واري صورتحال کان امڪاني طور متاثر علائقن جي اڳواٽ نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ لاڳاپيل پي ڊي ايم ايز کي به ان حوالي سان اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو آهي. حساس علائقن جا رهواسي لاڳاپيل ادارن جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ پنهنجي حفاظت يقيني بڻائين. وزيراعظم جي خاص هدايت تي سمورا لاڳاپيل ادارا وقت سر۽ اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. ٻوڏ متاثرن کي اٽڪل 5 هزار 700 ٽن امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي، متاثرن کي ضروري سامان جي فراهمي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا، فلاحي ادارا ۽ پاڪ فوج گڏيل طور تي ڪوششون ڪري رهيا آهن، بهترين حڪمت عملي ۽ طريقيڪار کي اختيار ڪندي ضرورتمندن تائين امدادي سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.












