بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياسي جلسي تي حملو بلوچستان ۾ دهشتگردن پاران انتشار پکيڙڻ جي ڪڌي سازش جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي کي ٽيليفون …
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار
بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياسي جلسي تي حملو بلوچستان ۾ دهشتگردن پاران انتشار پکيڙڻ جي ڪڌي سازش جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي کي ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪوئيٽا ۾ سياسي جلسي دوران ٿيندڙ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۽ انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سياسي جلسي تي حملو بلوچستان ۾ دهشتگردن پاران انتشار پکيڙڻ جي ڪڌي سازش جو واضح ثبوت آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگرد بلوچستان جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي معصوم شهرين تي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي.












