اسلام آباد – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي نوان چئلينجز درپيش آهن، بي قابو درياءَ ۽ بي موسم برساتون خطي ۾ غذائي بحران جو هڪ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار …
موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي نوان چئلينجز درپيش آهن، بي قابو درياءَ ۽ بي موسم برساتون خطي ۾ غذائي بحران جو هڪ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي نوان چئلينجز درپيش آهن، بي قابو درياءَ ۽ بي موسم برساتون خطي ۾ غذائي بحران جو هڪ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر سان صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ وٺندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان جو ماحولياتي تباهي ۾ ڪو ڪردار نه آهي پر اسان جي قوم ان جي وڏي قيمت ادا ڪري رهي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دنيا کي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو. صدر چيو ته عوام کي هن سخت وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. صدر آصف علي زرداري جي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر سان رابطي ۾ گورنر صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ بريفنگ ڏني. صدر آصف علي زرداري کي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڏورانهن علائقن جي عوام تائين پهچي انهن کي ٻڌائي رهيا آهيون ته هن سخت وقت ۾ اسان انهن سان گڏ آهيون. پنجاب جي گورنر بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان هلال احمر جي خدمتن جو دائرو لاهور، حافظ آباد، قصور، مظفر ڳڙهه، راجن پور، نارووال ۽ منڊي بهاءُ الدين سميت اٽڪل سڄي صوبي ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي. پنجاب جي گورنر ٻڌايو ته پنجاب ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ هلال احمر جون امدادي ڪئمپون هنيون ويون آهن. گورنر چيو ته ڪرتارپور ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ قائم ڪيو پيو وڃي.












