ڪوئٽا -03 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي جلسي جي پڄاڻي تي شاهواڻي اسٽيڊيم ويجهو ٿيل ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا. اڱاري جي شام جو ڪوئٽا جي علائقي سرياب ۾ شاهواڻي اسٽيڊيم ٻاهران ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن بلوچستان نيشنل پارٽي جا ڪارڪن بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار عطاالله مينگل جي ورسي جي حوالي سان …
بي اين پي جلسي جي پڄاڻي تي ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 13 ٿي ويو، 31 زخمي
ڪوئٽا -03 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي جلسي جي پڄاڻي تي شاهواڻي اسٽيڊيم ويجهو ٿيل ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا. اڱاري جي شام جو ڪوئٽا جي علائقي سرياب ۾ شاهواڻي اسٽيڊيم ٻاهران ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن بلوچستان نيشنل پارٽي جا ڪارڪن بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار عطاالله مينگل جي ورسي جي حوالي سان منعقد جلسي جي پڄاڻي تي اسٽيڊيم مان ٻاهر نڪري رهيا هئا. ڌماڪي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جو اڳوڻو ايم پي اي احمد نواز بلوچ به زخمي ٿي پيو. ڌماڪي کان پوءِ صحت جو صوبائي وزير بخت محمد ڪاڪڙ سول اسپتال پهتو ۽ ذاتي طور تي سمورن طبي امدادي سرگرمين جي معاملن جي نگراني ڪندو رهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير بخت محمد ڪاڪڙ ٻڌايو ته واقعي کان پوءِ سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي فوري طور تي ڊيوٽي تي طلب ڪيو ويو آهي. ريجنل بلڊ سينٽر فعال، رت جي فراهمي لاءِ هنگامي قدمن جاري آهن. زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، سمورن اسپتالن ۾ آپريشن ٿيٽر ۽ آءِ سي يوز الرٽ تي آهن، ايمبولينس سروسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي فضائي سروسز استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سانحي جي شديد زخمين کي ڊاڪٽرز جي تجويز تي ڪراچي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن کين وقت سر ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. جڏهن ته وڏي وزير شاهواڻي اسٽيديم ۾ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پنهنجو لاهور جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ فوري طور تي ڪوئٽا ايئرپورٽ تان واپس وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پهچي ويو. هن آءِ جي پوليس بلوچستان کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.












