اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پي ايس ايل فرنچائيز لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف راڻا گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر نوجوانن کي راندين ۾ شامل ڪرڻ وارن قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته نوجوانن جون صحتمند سرگرميون ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن. پاڪستان جي نوجوانن ۾ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان لاهور قلندر جي سي اي او جي ملاقات
اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پي ايس ايل فرنچائيز لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف راڻا گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر نوجوانن کي راندين ۾ شامل ڪرڻ وارن قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته نوجوانن جون صحتمند سرگرميون ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن. پاڪستان جي نوجوانن ۾ صلاحيتن جي ڪا به کوٽ ناهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاهور قلندرز طرفان عورتن کي راندين ۾ برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. عاطف رانا چيو ته لاهور قلندرز پليئر ڊولپمينٽ پروگرام تحت هڪ لک کان وڌيڪ نوجوانن کي تربيت ڏني آهي. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي نوجوانن جي راندين ۾ شموليت پهرين ترجيح آهي، عورت ڪرڪيٽ پليئرز جي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام 25 کان وڌيڪ شهرن ۾ منعقد ڪيو ويو. لاهور قلندرز جو مقصد عام ماڻهو کي رانديون ۽ تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.












