پشاور - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ هن وقت تائين مجموعي طور 8 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن. خيبرپختونخوا جي ناڻي واري کاتي طرفان جاري بيان مطابق خيبرپختونخوا حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 8 ارب روپيا جاري ڪري چڪي آھي. گذريل ڏينھن ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ 1.5 ارب روپيا جاري ڪيا ويا، ھڪ ارب روپيا فوڊ اسٽامپ جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آھن، ٻوڏ …
ٻوڏ متاثرن لاءِ هن وقت تائين 8 ارب روپيا جاري ڪيا ويا آهن: خيبرپختونخوا جو ناڻي وارو کاتو
پشاور – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ هن وقت تائين مجموعي طور 8 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن. خيبرپختونخوا جي ناڻي واري کاتي طرفان جاري بيان مطابق خيبرپختونخوا حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 8 ارب روپيا جاري ڪري چڪي آھي. گذريل ڏينھن ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ 1.5 ارب روپيا جاري ڪيا ويا، ھڪ ارب روپيا فوڊ اسٽامپ جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آھن، ٻوڏ متاثرن ۾ 15 ھزار روپيا في خاندان کي خشڪ راشن جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آھن. 50 ڪروڙ روپيا ضم ٿيل ضعلن جي فلڊ رليف جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آھن. سي اينڊ ڊبليو کي 1.56 ارب روپيا روڊز ڪليئر ڪرڻ ۽ مرمت لاءِ جاري ڪيا ويا آھن، جڏھن ته ٽي ايم ايز لاءِ 61 ملين روپيا مالي امداد فراھم ڪئي وئي آھي.












