اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 99 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 5 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 34 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 76 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 76 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه …
ملڪ جي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال
اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 99 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 5 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 34 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 76 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 76 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 96 هزار 300 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 95 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 60 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 45 هزار 400 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 80 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 31 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 73 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1549.78 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.715 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1226.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 6.080 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.258 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.












