بيجنگ - 2 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي سلامتي، ثقافت، رابطن ۽ عوام جي سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پاران مُختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
بيجنگ – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي سلامتي، ثقافت، رابطن ۽ عوام جي سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، رابطي، توانائي، علائقائي سلامتي، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ثقافتي، تاريخي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل ڀائر اسلامي ملڪن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل اهميت جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










