ملتان – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي ٻوڏ سٽيل علائقن قاسم بيلا، بستي لنگڙيال ۽ مظفر آباد جي ٻهراڙين جو دورو ڪيو ۽ فيلڊ رليف ڪيمپن ۾ دوائن جي دستيابي ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو. سيد يوسف رضا گيلاني قاسم بيلا ۽ بستي لنگڙيال ۾ قائم خيما ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثرن سان مليو ۽ کانئن خيريت معلوم ڪري مسئلا معلوم ڪيا. هن مظفر آباد جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهواسين کي اپيل ڪئي ته ٻوڏ جي تباهين کان بچڻ ۽ نيڪالي لاءِ هو انتظاميه سان تعاون ڪن ته جيئن سندن ٻارن ۽ چوپائي مال کي بچائي سگهجي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪسان خاص ڪري پنجاب ۾ ٻوڏ کان تمام گهڻا ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ پنهنجن گهرن کي ڇڏڻ آسان ناهي هوندو پر زندگي بچائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن کي وقتي طور ڇڏيو وڃي. يوسف رضا گيلاني چيو ته انساني جانين کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته جيتوڻيڪ ٻوڏ سبب پوري ملڪ کي شديد نقصان برداشت ڪرڻو پيو، پر پنجاب جا علائقا شديد متاثر ٿيا آهن، قومي يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته مصيبت جي هن گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جو اجتماعي طور ساٿ ڏنو وڃي. سينيٽ چيئرمين سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته هو مشڪل جي هن گهڙي ۾ گهر ٻار ڇڏيندڙن جي هر طرح جي مدد ڪن ته جيئن سندن حوصلو وڌي سگهي. هن ميڊيا جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو ته هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان ميڊيا هميشه مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ٻوڏ بابت ماڻهن جي رهنمائي، کين آگاهي فراهم ڪرڻ هڪ حوصلائتو ۽ شاندار عمل آهي. سيد يوسف رضا گيلاني درياهي علائقن مان نيڪالي جي عمل ۽ انتظامن تي مقامي انتظاميه جي ساراهه به ڪئي.