اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي فتنه الخوارج جي 3 حملي آور دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو. گهرو وزير دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ  پوليس اهلڪار نظام الله کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو معاملن واري وزير شهيد اهلڪار جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار نظام الله جرئت  سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪيون ٿا.