اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ناڻي واڌ جي شرح بدستور گهٽ ۽ سنگل ڊجٽ ۾ آهي. ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ (سي پي آءِ) 3 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو جولاءِ ۾ 4.1 سيڪڙو ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 9.6 سيڪڙو هو. هن ٻڌايو ته صارفين لاءِ قيمتن جي عام اهڃاڻ ۾ ماهوار بنيادن تي 0.6 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي، جولاءِ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جي عام اهڃاڻ ۾ 2.9 سيڪڙو ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 0.4 سيڪڙو اضافو ٿيو هو، بنيادي ناڻي واڌ (نان فوڊ نان انرجي) آگسٽ ۾ 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ ۾ 7 سيڪڙو ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 10.2 سيڪڙو هو. هن چيو ته ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ خوراڪ جي شين جي مهانگائي ۾ ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي ترتيبوار 0.5 سيڪڙو ۽ هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سراسري عام مهانگائي جي شرح 3.5 سيڪڙو آهي جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ 10.4 سيڪڙو هئي.