تيانجن – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ نمايان ۽ منفرد مقام رکي ٿي، چين ۽ پاڪستان هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ چين انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا تيانجن جي اسٽينڊنگ ميمبر ۽ تيانجن – بنهائي نيو ايريا جي پارٽي سيڪريٽري ليون مائوجن وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ نمايان ۽ منفرد مقام رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ چين انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي جي ترقي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير جي حوالي سان نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه جي فيز 2 ۾ سمارٽ سٽيز، زرعي صنعت جي حوالي سان تعاون ۽ نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت هيٺ تيانجن جي ترقي ڏسي انتهائي خوشي ٿي آهي، تيانجن – بنهائي نيو ايريا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ واپار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جي ڪراچي پورٽ، بن قاسم پورٽ ۽ گوادر پورٽ ۽ چين جي تيانجن پورٽ جي وچ ۾ تعاون ۽ واپار کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، پورٽ هينڊلنگ ۽ پورٽ آپريشنز جي معاملن جي حوالي سان چيني ڪمپينن کي ڀليڪار چئون ٿا، فارماسيوٽيڪل، بائيو ميڊيسن ۽ جانورن جي ويڪسين جي حوالي سان تيانجن – بنهائي نيو ايريا جي صنعت سان تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان حڪومت گذريل ڏيڍ سال ۾ معاشي سڌارن ۾ نمايان سنگ ميل عبور ڪيا آهن، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن، نئين قومي اقتصادي پاليسي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل قدمن جي فروغ سميت ڪيترن ئي ٻين سڌارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم محمد شهباز شريف تيانجن سان صنعتي ۽ اقتصادي شعبي سان واڳيل نمايان ماڻهن جي وفد کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران وزيراعظم کي تيانجن – بنهائي نيو ايريا جي پارٽي سيڪريٽري ليون مائوجن پاران تيانجن – بنهائي نيو ايريا جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته تيانجن – بنهائي نيو ايريا ۾ انٽيلي جنٽ ٽيڪنالاجي، گرين پيٽرو ڪيميڪل، آٽو موٽو انڊسٽري، بائيو ميڊيسن، نيو انرجي، ايرو اسپيس، ڪولڊ چين اسٽوريج، ڊيپ – سي مائننگ، جين ٿراپي سميت ڪيترن ئي ٻين شعبن جون صنعتون موجود آهن. پاڪستان ۽ تيانجن جي وچ ۾ ڀاڻ، فارماسيوٽيڪل، ٽائرز، معدنيات ۽ فشريز جو واپار ٿئي ٿو، تيانجن – بنهائي نيو ايريا پاڪستان سان واپار خاص طور تي اي – ڪامرس کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، تيانجن – بنهائي نيو ايريا جي ڪاروبارن ۽ صنعتن کي پاڪستان تائين ڦهلائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ مقرر چين جو سفير جيانگ زيڊونگ، چين ۾ مقرر پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.