اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت بتلستان جي علائقي ٺڪ داس ڇانوڻي ويجهو آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عاطف، ميجر فيصل، فلائيٽ انجنيئر مقبول، حوالدار جهانگير ۽ نائيڪ عامر جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي.