تيانجن – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي ٺڪ داس ڇانوَڻي ويجهو آرمي ايوي ايشن جي تربيتي هيليڪاپٽر جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر عاطف، ميجر فيصل، فلائيٽ انجنيئر مقبول، حوالدار جهانگير ۽ نائيڪ امير جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.