تيانجن– 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري دوران سومر چين جي شهر تيانجن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي 25هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفي …
وزيراعظم چين جي دوري دوران سومر چين جي شهر تيانجن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

مزید خبریں
تيانجن– 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري دوران سومر چين جي شهر تيانجن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي 25هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪندو. تيانجن ۾ پنهنجي مصروفيتن جي آخر ۾ هو بيجنگ لاءِ روانو ٿيندو جتي هو چين جي فتح جي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.










