تيانجن-31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي شهر تيانجن ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي موقعي تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ترڪ لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺندي ٻطرفن لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي شعبن سميت وسيع ميدان ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ تعاون ۾ مسلسل اضافي کي ساراهيو. ترڪيه جي صدر پاڪستان ۾ تازي سانوڻي دوران پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ مالي نقصانن تي پاڪستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اطهار ڪندي فلسطيني عوام جي جائز حقن جي حمايت ۽ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ نسل ڪشي جي پاليسين جي مذمت لاءِ عالمي پليٽ فارم استعمال ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا هموار ڪرڻ ۽ مسلمان دنيا ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو.