محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن، پاڪستان کي آمريڪا ۾ گهربل پاڪستانين سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بارڊر سيڪيورٽي، منشيات جي خاتمي، ڪوسٽ گارڊز ۽ فرانزڪ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان …

اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن، پاڪستان کي آمريڪا ۾ گهربل پاڪستانين سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بارڊر سيڪيورٽي، منشيات جي خاتمي، ڪوسٽ گارڊز ۽ فرانزڪ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وقتي سفير ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزير، صدر ٽرمپ طرفان پاڪستان ۾ تيل جي ذخيرن کي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي بيان کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن چيو ته آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ تيل سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان سان ناتن کي خاص اهميت ڏيون ٿا.

مزید خبریں