اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آئرلينڊ جي سفير ميري اونيل پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان عالمي موسمياتي تبديلين ۾ تمام گهٽ حصيدار آهي پر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪن ۾ شامل آهي. هاڻوڪي ٻوڏ جون تباهڪاريون 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان وڌيڪ آهن. طوفاني برساتن ۽ ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻيءَ سبب شديد تباهي ٿي آهي، درياهن جو سڪڙجڻ ۽ حددخليون ٻوڏ جي شدت کي وڌائي رهيون آهن. پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. آئرلينڊ جي سفير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. آئرلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽيءَ جي صحت جي شعبي ۾ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سفير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر جي بحاليءَ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.