اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميٽي گڏيل عرب امارات جي حڪومت سان هڪ فريم ورڪ معاهدي تحت اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آپريشنز جي منتقلي جي لاءِ ٻنهي حڪومتن (جي ٽو جي) جي ماڊل جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميٽي گڏيل عرب امارات جي حڪومت سان هڪ فريم ورڪ معاهدي تحت اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آپريشنز جي منتقلي جي لاءِ ٻنهي حڪومتن (جي ٽو جي) جي ماڊل جي ذريعي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهي وزيراعظم جو نجڪاري وارو صلاحڪار ڪندو ۽ ان ۾ دفاع، ناڻي، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ نجڪاري ڊويزن جا نمائندا شامل هوندا. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار، خاص معاون طارق باجوه، لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











