اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي لوڪ ورثا ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو باقائده افتتاح ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير سان گڏ قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نزهت صادق ۽ سيڪريٽري آءِ پي سي محي الدين احمد واني به موجود هئا. ان موقعي تي لوڪ ورثه جي فنڪارن ۽ ملازمن ۾ …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران لوڪ ورثا ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي لوڪ ورثا ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو باقائده افتتاح ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير سان گڏ قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نزهت صادق ۽ سيڪريٽري آءِ پي سي محي الدين احمد واني به موجود هئا. ان موقعي تي لوڪ ورثه جي فنڪارن ۽ ملازمن ۾ به وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ اڱڻ ۾ ٻوٽا لڳايا. تقريب ۾ شاگردن جو هڪ وڏو انگ به موجود هو، جن سرگرم انداز ۾ وڻڪاريءَ ۾ حصو ورتو. وفاقي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ماحول محفوظ بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. هن چيو ته ثقافت ۽ ورثي جا ادارا صرف روايتن جا ئي محافظ نه پر ماحولياتي ذميداري کي هٿي وٺرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وفاقي وزير شاگردن ۽ ملازمن جي شرڪت کي ساراهيندي چيو ته سندن شرڪت ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسان سڀ گڏجي نه صرف پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪنداسين پر ماحولياتي پائيداريءَ کي به يقيني بڻائينداسين.











