اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- برطانيه لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفو تعاون وڌائڻ، دهشتگرديءَ جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، بارڊر سيڪيورٽي ۽ انساني اسمگلنگ جي حوالي سان سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي ڪمشنر نشانِ امتياز ملڻ تي گهرو وزير کي مبارڪون ڏنيون …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- برطانيه لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفو تعاون وڌائڻ، دهشتگرديءَ جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، بارڊر سيڪيورٽي ۽ انساني اسمگلنگ جي حوالي سان سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي ڪمشنر نشانِ امتياز ملڻ تي گهرو وزير کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان هميشه کان امن جو گهرجائو رهيو آهي. دهشتگرديءَ جي هر شڪل جي پُرزور مذمت ڪريون ٿا. محسن نقوي چيو ته برطانيه ترقيءَ جي سفر ۾ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي. گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ برطانيه سان ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.











