اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي ۽ بنا اڳواٽ اطلاع جي اسپل ويز کولڻ ۽ پاڻي ڇڏڻ جي عمل کي کُليل آبي اڳرائي ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرارڏنو آهي. هن ڀارت طرفان ان مڪروه عزمن کي شهريءَ آبادي کي ٻوڙڻ جي ڄاڻي واڻي سازش قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ڀارتي آبي اڳرائي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي ۽ بنا اڳواٽ اطلاع جي اسپل ويز کولڻ ۽ پاڻي ڇڏڻ جي عمل کي کُليل آبي اڳرائي ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرارڏنو آهي. هن ڀارت طرفان ان مڪروه عزمن کي شهريءَ آبادي کي ٻوڙڻ جي ڄاڻي واڻي سازش قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تحت طئي ٿيل ضابطن کي نظرانداز ڪندي پاڪستان کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کانسواءِ پاڻي ڇڏيو، ان عمل سان پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شديد ٻوڏ آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي. اسپيڪر چيو ته ڀارت وقت سر اطلاع فراهم ڪري ها ته پاڪستان حفاظتي قدم کڻي وڏي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي وڃي ها. هن وڌيڪ چيو ته هي ڀارتي رويو نه صرف غير ذميواراڻو آهي پر خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ به خطرو آهي. مودي حڪومت داخلي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان خلاف لاڳيتو سازشن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته دنيا هاڻ ڀارت جي اصلي چهري کي سُڃاڻي چڪي آهي ۽ـ ان جي جارحاڻين پاليسين کان آگاهه ٿي چڪي آهي. اسپيڪر 10 مئي 2025ع تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستاني قوم جي متحد ردِعمل کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوج دشمن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ثابت ڪيو ته اسان هڪ عظيم ۽ خوددار قوم آهيون. ڀارتي پاڻي اڳرائيءَ خلاف به پوري قوم يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ هر محاذ تي پنهنجي وطن جي بچاءُ لاءِ تيار آهي. اسپيڪر هاڻوڪي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج، قومي ادارا ۽ عوام، ريسڪيو بحاليءَ جي ڪمن ۾ ڏينهن رات مصروف آهن. متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جا جوان امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. هن چيو ته ان ڏُکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. قوم جا نوجوان اڳتي وڌي متاثر ڀائرن توڙي ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اسپيڪر چيو ته متاثرن جي مدد ۽ بحالي هڪ قومي فرض آهي ۽ پاڪستاني قوم هميشه آزمائش جي گهڙيءَ ۾ ايثار، قرباني ۽ اتحاد جا عظيم مثال قائم ڪيا آهن.











