پشاور-28 آگسٽ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر ڪميونٽيز لاءِ وفاقي حڪومت جي پُختي امداد جي تصديق ڪندي چيو ته آخري متاثر جي مڪمل بحاليءَ تائين ٺوس ڪوششون جاري رهنديون. هو بونير ۾ شديد متاثر ڳوٺ بيشوني جي رهواسين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت …
وفاقي حڪومت طرفان آخري متاثر جي بحالي تائين ٺوس ڪوششون جاري رهنديون: چوڌري سالڪ حسين

مزید خبریں
پشاور-28 آگسٽ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر ڪميونٽيز لاءِ وفاقي حڪومت جي پُختي امداد جي تصديق ڪندي چيو ته آخري متاثر جي مڪمل بحاليءَ تائين ٺوس ڪوششون جاري رهنديون. هو بونير ۾ شديد متاثر ڳوٺ بيشوني جي رهواسين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي هو متاثر علائقي جو دؤرو ڪري رهيو آهي ته جيئن هو امدادي ۽ بحاليءَ جي سرگرمين جي ذاتي طور نگراني ڪري سگهي. وفاقي وزير سوات، شانگله، بونير ۽ صوابي ضلعن ۾ ٻوڏ جي نقصانن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميه، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪم کي ساراهيندي چيو ته اسان ملڪ جي ڪنهن به حصي سان تعلق رکون پر اسان هڪ گهر آهيون ۽ هر مشڪل وقت هڪٻئي جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير چيو ته سندس دؤري جو مقصد ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو پاڻ جائزو وٺڻ ۽ متاثر آباديءَ جي ضرورتن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. هن چيو ته جمع ڪيل ڊيٽا کي لاڳاپيل وفاقي کاتن سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اين جي اوز سان به شيئر ڪيو ويندو ته جيئن گهرن ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر سميت تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي فوري مدد، رليف ۽ نئين سر تعمير ۾ آساني ٿئي. وفاقي وزير سمنڊ پار پاڪستانين طرفان سمنڊ پار پاڪستاني شهيدن جي وارثن لاءِ خصوصي امدادي پيڪيج جو به اعلان ڪيو ۽ـ واعدو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد سندن دروازي تي پهچي ڪئي ويندي. فوري امدادي ڪوششن جي حصي طور هن بونير ۾ ٻوڏ متاثر 25 مزدورن ۾ امداد جا چيڪ ورهايا. ٻوڏ متاثر بيشوني جي دؤري دوران هن بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. سوڳوار ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي ۽ مرحومن لاءِ دُعا ڪئي.











