اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) صنعتن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ سان ئي معاشي ترقيءَ جا هدف حاصل ٿي سگهن ٿا، ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ صنعتي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي. نئين صنعتي پاليسي جي تياريءَ جي حوالي سان حصيدارن جا رايا ڄاڻڻ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اهڙو اظهار هن فيڊريشن آف چيمبرز …
صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ سان ئي معاشي ترقيءَ جا هدف حاصل ٿي سگهن ٿا: هارون اختر

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) صنعتن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ سان ئي معاشي ترقيءَ جا هدف حاصل ٿي سگهن ٿا، ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ صنعتي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي. نئين صنعتي پاليسي جي تياريءَ جي حوالي سان حصيدارن جا رايا ڄاڻڻ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اهڙو اظهار هن فيڊريشن آف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ بزنس ڪميونٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ پيٽرن ان چيف يو بي جي ايس ايم تنوير، نائب صدر ايف پي سي سي آءِ ذڪي اعجاز ۽ ٻيا شامل هئا. وفد ڪامياب انڊسٽريل پاليسيءَ تي هارون اختر کي مبارڪون ڏنيون. ملاقات ۾ نئين صنعتي پاليسي ۽ بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته انڊسٽريل پاليسي جي حوالي سان چيو ويو ته هي تمام ڏُکيو آهي اوهان ان ڪم ۾ نه پئو. انڊسٽريل پاليسي جوڙڻ لاءِ سمورين ڌرين تي ٻَڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. صنعتي پاليسيءَ لاءِ آڪسفورڊ جي ڪنسلٽنٽ جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون. 8 ڪميٽيون قائم ڪيون ويون، نئين صنعتي پاليسيءَ ۾ بزنس ڪميونٽي بئنڪ ڪرپسٽسي قانون متعارف ڪرايو ويو آهي. خاص مددگار چيو ته نئين قانون تحت قرضدار کي هڪ سال جي مهلت ڏني وئي آهي ان کان پوءِ عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي ڪري سگهبي. هن چيو ته ايف بي آر کي بزنس ڪميونٽي کي هراسان ڪرڻ سميت ڪيترن ئي معاملن تي قائل ڪيو ويو آهي. هارون اختر چيو ته 7 هزار ميگاواٽ واڌو بجلي موجود آهي پر مهانگائيءَ سبب ڪوبه خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، بجلي 7 سينٽ يونٽ جي قيمت تي به منافعو ڏيندي. هن چيو ته دنيا جو هر ملڪ انڊسٽريلائزيشن کي هٿي وٺرائي رهي آهي ته جيئن ترقيءَ جي رستي تي گامزن ٿي سگهجن، مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ بزنس مين مٿان چور جو ليبل هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، هاڻ بزنس مين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. بزنس ڪميونٽي 25 سيڪڙو انٽرسٽ ريٽ سان پنهنجي ڪاروبار کي بچايو آهي. ان موقعي تي ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ چيو ته نئين صنعتي پاليسي جي حوالي سان هارون اختر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. نئين پاليسيءَ تحت صنعتي شعبي لاءِ ٽيرف ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي. نئين صنعتي پاليسيءَ سان صنعتون بحال، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي.











