سنڌ جي وڏي وزير سان آمريڪا جي نئين قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي نئين قونصل جنرل چارلس گڊمَن مُلاقات ڪئي، مُلاقات ۾ وڏي وزير چارلس گڊمَن کي سنڌ ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس صوبائي حڪومت پاران مڪمل سهڪار ۽ حمايت جي ڀرپور خاطري ڪرائي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هڪ عظيم ثقافتي صوبو آهي جيڪو 5 هزار سال پراڻي موهن جي دڙي …

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي نئين قونصل جنرل چارلس گڊمَن مُلاقات ڪئي، مُلاقات ۾ وڏي وزير چارلس گڊمَن کي سنڌ ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس صوبائي حڪومت پاران مڪمل سهڪار ۽ حمايت جي ڀرپور خاطري ڪرائي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هڪ عظيم ثقافتي صوبو آهي جيڪو 5 هزار سال پراڻي موهن جي دڙي جي تهذيب جو وارث آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو مذهب ۽ ذات پات جي فرق کان مٿانهون ٿي محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهن ٿا۔ قونصل جنرل چارلس گڊمَن وڏي وزير جي استقبال تي ٿورا مڃيندي چيو ته هو سنڌ جي ثقافتي ورثي کي ويجهو ڏسڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته ڪراچي هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ هو صوبي جي تاريخي ۽ ثقافتي هنڌن جو دورو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته کيس کاڌا پچائڻ جو شوق آهي ۽ ڪراچي جي لذيذ کاڌن جي شهرت سبب هو شهر جي ذائقن کي چکڻ لاءِ بي تاب آهي. ملاقات ۾ ڪراچي جي موجوده صورتحال، تازي شديد برساتن ۽ انهن جي اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۔ قونصل جنرل مون سون برساتن سبب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ اجلاس ۾ پنجاب ۾ آيل ٻوڏ ۽ ان جا سنڌ تي امڪاني اثرن تي به ڳالهايو ويو۔ وڏي وزير قونصل جنرل کي خاطري ڪرائي ته سنڌ ۾ سندس قيام خوشگوار ۽ نتيجا خيز ثابت ٿيندو.