سکر-28 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج ڀرتي مرڪز پنو عاقل پاران ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ضلعي سکر، گھوٽڪي، خيرپورميرس ۽ نوشهرو فيروز جي نوجوانن جي پاڪ فوج ۾ جونيئر ڪميشنڊ آفيسر، نائب خطيب، جنرل ڊيوٽي سپاھي، سپاهي ملٽري پوليس، ڪلارڪ، ڊرائيور، نرسنگ اسسٽنٽ، بورچي ۽ سينٽري ورڪر جي ڀرتي لاءِ رجسٽريشن پھرين سيپٽمبر کان 23 نومبر 2025 تائين جاري رھندي. اھڙا غير شادي شده اميدوار جن …
پاڪ فوج ڀرتي مرڪز پنو عاقل پاران ھڪ پڌرائي
سکر-28 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج ڀرتي مرڪز پنو عاقل پاران ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ضلعي سکر، گھوٽڪي، خيرپورميرس ۽ نوشهرو فيروز جي نوجوانن جي پاڪ فوج ۾ جونيئر ڪميشنڊ آفيسر، نائب خطيب، جنرل ڊيوٽي سپاھي، سپاهي ملٽري پوليس، ڪلارڪ، ڊرائيور، نرسنگ اسسٽنٽ، بورچي ۽ سينٽري ورڪر جي ڀرتي لاءِ رجسٽريشن پھرين سيپٽمبر کان 23 نومبر 2025 تائين جاري رھندي. اھڙا غير شادي شده اميدوار جن جي عمر ساڍا 17 سال کان 23 سال تائين ۽ تعليم گھٽ ۾ گھٽ ميٽرڪ، قد 5 فٽ 3 انچ ھجي اھي ڀرتي لاءِ اھل ھوندا، قابليت رکندڙ نوجوان ڀرتي لاءِ www.joinpakarmy.gov.pkتي رجسٽريشن ڪرائڻ کانسواءِ ويجھي ڀرتي مرڪز تي پڻ وڃي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا وڌيڪ معلومات لاءِ ڀرتي مرڪز جي فون نمبر 0715805599 ۽ موبائل نمبر 0306.2372447 يا ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk تي ربطو ڪري سگھجي ٿو.











