سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اسپين جي سينيٽر جي ملاقات

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اسپين جي سينيٽر ويسنٽ ايزپيٽارٽ پيريز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپاري، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهم ضرورت آهي. توانائي، موسمياتي تبديلين، سيڪيورٽيءَ جي شعبن ۾ سهڪار …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اسپين جي سينيٽر ويسنٽ ايزپيٽارٽ پيريز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپاري، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهم ضرورت آهي. توانائي، موسمياتي تبديلين، سيڪيورٽيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. سينيٽ چيئرمين اسپين جي تاريخي، ثقافتي ورثي جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ آءِ ايس سي جي نومبر ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين جو چوڻ هو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) هڪ اهم فورم آهي. سينيٽ چيئرمين اسپين جي پارلياماني وفد کي آءِ ايس سي جي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. سينيٽ چيئرمين اسپين جي سينيٽ جي ميمبر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.