اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام گلگت جي ايمرجنسي سينٽر جو دورو ڪيو، چيف سيڪريٽري ابرابر احمد مرزا ۽ ڊائريڪٽر جنرل جي بي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي سندس آجيان ڪئي، اهو دورو هاڻوڪي ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. گهرو سيڪريٽري علي اصغر ۽ ڊائريڪٽر جنرل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي، وفاقي وزير کي متاثر علائقن ۽ جاري امدادي ڪارروائين جي حوالي سان بريفنگ ڏني جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سميت ٻيا اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا ۽ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيلي رپورٽون پيش ڪيون. ان موقعي تي ڪشمير گلگت بلتستان جي فيڊرل سيڪريٽري ظفر حسن، ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير انتظاميه جي ڪوششن جي تعريف ڪندي وفاقي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ فوري رليف جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وفاقي وزير 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گلگت بلتستان پهتو جتي هو ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو وٺندو ۽ ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون ڪري ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو.