لاهور -27 آگسٽ (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناالله جي سينيٽ جي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ٽربيونل غير ضروري اپيل دائر ڪري وقت ضائع ڪرڻ تي درخواست گذار تي 5 لکن جو ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خالد اسحاق تي ٻڌل …
مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناالله جي سينيٽ جي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل رد

مزید خبریں
لاهور -27 آگسٽ (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناالله جي سينيٽ جي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ٽربيونل غير ضروري اپيل دائر ڪري وقت ضائع ڪرڻ تي درخواست گذار تي 5 لکن جو ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خالد اسحاق تي ٻڌل اليڪشن ٽربيونل ايڊووڪيٽ محمد آفاق جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، اپيل ڪندڙن مطابق راڻا ثناالله سينيٽ جي ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذن جي تفصيلن بابت ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي وئي. ٽربيونل جي جج جسٽس خالد اسحاق رمارڪس ڏيندي متاثر ڌر جو موجود نه هجڻ تي اپيل ڪيئن ٿي داخل ڪري سگهجي. اپيل ڪندڙ نه ته ووٽر آهي ۽ نه ئي پارليامينٽ ميمبر ته متاثر ڌر ڪيئن ٿي. اليڪشن ٽربيونل اپيل نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. ٽربيونل وقت ضايع ڪرڻ تي اپيل ڪندڙ جي وڪيل تي پنج لک روپيا ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو.











