اسلام آباد-26 آگسٽ(اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اڱاري جي رات ۽ 27 آگسٽ دوران تيز برسات سبب ڪشمير(راولاڪوٽ، پونچ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور) ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، ان دوران مقامي ۽ برساتي ندين نالن ۾ چاڙهه جو به امڪان آهي. شديد برسات سبب نارووال، سيالڪوٽ، گجرات، جهلم، منڊي بهاؤالدين، …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران تيز برساتن سبب ڪشمير ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ، ندين نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آگسٽ(اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اڱاري جي رات ۽ 27 آگسٽ دوران تيز برسات سبب ڪشمير(راولاڪوٽ، پونچ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور) ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، ان دوران مقامي ۽ برساتي ندين نالن ۾ چاڙهه جو به امڪان آهي. شديد برسات سبب نارووال، سيالڪوٽ، گجرات، جهلم، منڊي بهاؤالدين، گوجرانواله ۽ لاهور جي هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، ان دوران مقامي ۽ برساتي ندين نالن ۾ چاڙهه جو به خطرو آهي، عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، شديد برساتن/ طوفان/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو انديشو. موسميات کاتي مطابق (اڄ) اربع ڏينهن ڏکڻ پنجاب ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي.، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب ۾ ڪٿي ڪٿي تيز برسات به پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين، نوڪنڊي ۾ 42، چلاس ۽ دادو ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











