اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سڄي ملڪ جي موٽر ويز کي جديد ملڪن جي طرز تي بيريئرز فري ڪرڻ ۽ اِي ٽيگ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پهرئين مرحلي ۾ ايم ون ۽ ايم ٽو جي موٽر ويز لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس سسٽم لاڳو هوندو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت …
شاهراهن تي هڪجهڙي ڪمرشل پاليسي ۽ ڊجيٽلائيز وصولي يقيني بڻائي وڃي: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سڄي ملڪ جي موٽر ويز کي جديد ملڪن جي طرز تي بيريئرز فري ڪرڻ ۽ اِي ٽيگ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پهرئين مرحلي ۾ ايم ون ۽ ايم ٽو جي موٽر ويز لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس سسٽم لاڳو هوندو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سمورين شاهراهن تي ڪمپيوٽرائزڊ مانيٽرنگ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي ۽ اوور اسپيڊ سميت ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙيءَ تي گاڏين جي مالڪ کي موبائل تي پيغام وڃڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته موٽر وي پوليس کي تيز رفتار گاڏين آڏو سامهون اچڻ کان روڪڻ جي سختي هجي، انساني جان وڌيڪ قيمتي آهي ۽ موٽر وي پوليس کي پنهنجي ۽ مسافرن جي حفاظت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين ئي اسپيڊ سان ايندڙ گاڏيءَ کي حادثو پيش اچڻ يا موٽر وي پوليس آفيسر کي نقصان پهچڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ ٽول پلازائن کي کلي نيلاميءَ ذريعي ڪنٽريڪٽ تي ڏيڻ جي پاليسي کي ٻين معاملن ۾ پڻ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته شاهراهن جي ٻنهي پاسن هڪجهڙي ڪمرشل پاليسيءَ تي عمل هئڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ حاصل ٿيل روينيو کي 100 سيڪڙو ڊجيٽلائز ڪيو وڃي جڏهن ته ان نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ عوام سان به تجويزون طلب ڪيون وڃن. وفاقي وزير چيو ته اين ايڇ اي ڪمرشل ايراضيءَ لاءِ مناسب اين او سي فيس رکڻ ۽ هر شهر ۽ ڪاروبار جي لحاظ سان درجا بندي ڪئي وڃي.











