اين ايڇ اي پاران لاهور – اسلام آباد موٽر وي تي ٽول ٽيڪس ۾ 10 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد-26 آگسٽ(اي پي پي) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي(اين ايڇ اي) لاهور - اسلام آباد موٽر وي (ايم ٽو) تي گاڏين جي ٽول ٽيڪس ۾ 10 سيڪڙو جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 26 آگسٽ 2025ع کان باقاعده طور تي لاڳو ٿي چڪو آهي. اين ايڇ اي مطابق اهو اضافو ان رعايتي معاهدي تحت ڪيو ويو آهي جيڪو 23 اپريل 2014ع تي اين ايڇ اي ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن (ايف ڊبليو او) …

اسلام آباد-26 آگسٽ(اي پي پي) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي(اين ايڇ اي) لاهور – اسلام آباد موٽر وي (ايم ٽو) تي گاڏين جي ٽول ٽيڪس ۾ 10 سيڪڙو جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 26 آگسٽ 2025ع کان باقاعده طور تي لاڳو ٿي چڪو آهي. اين ايڇ اي مطابق اهو اضافو ان رعايتي معاهدي تحت ڪيو ويو آهي جيڪو 23 اپريل 2014ع تي اين ايڇ اي ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن (ايف ڊبليو او) جي ذيلي ڪمپني ”موٽر وي آپريشنز اينڊ ري هيبيليٽيشن انجينئرنگ پرائيويٽ لميٽڊ“ وچ ۾ طئي ٿيل هو. معاهدي مطابق موٽر وي جي اوورلي ۽ جديد سهولتن لاءِ 20 سالن جي منصوبي ۾ هر 2 سالن کانپوءِ ٽول ريٽس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو آهي. لاهور کان اسلام آباد سفر ڪندڙ مختلف قسم جي گاڏين  جن ۾ ڪار، جيچ ۽ ٽيڪسي لاءِ 1330 رپيا، ويگن لاءِ 2240 رپيا، بس لاءِ 3130 رپيا، ٻه ايڪسل ٽرڪ لاءِ 4460 رپيا، ٽي ايڪسل ٽرڪ لاءِ 5800 رپيا جڏهن ته آرٽي ڪيوليٽڊ ٽرڪ لاءِ 7460 رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. اين ايڇ اي جو چوڻ آهي ته اهو اضافو موٽر وي تي روڊن جي بهتري ۽ جديد سهولتن جي فراهمي جي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.