اسلام آباد-26 آگسٽ(اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران راوي درياهه جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري ڪيل بيان مطابق ڀارتي ڊيم ٿين پنهنجي گنجائش مطابق 97 سيڪڙو تائين ڀرجي چڪو آهي جنهن جا سپل ويز ڪنهن به وقت کولي سگهجن ٿا، مٿانهين وارن علائقن ۾ امڪاني برساتن ۽ ڀارتي …
اين ڊي ايم اي پاران ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران راوي درياهه جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برساتن جو الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آگسٽ(اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران راوي درياهه جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري ڪيل بيان مطابق ڀارتي ڊيم ٿين پنهنجي گنجائش مطابق 97 سيڪڙو تائين ڀرجي چڪو آهي جنهن جا سپل ويز ڪنهن به وقت کولي سگهجن ٿا، مٿانهين وارن علائقن ۾ امڪاني برساتن ۽ ڀارتي ڊيم مان پاڻي جو امڪاني ڇوڙ سبب راوي درياهه ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي، ٿين ڊيم مان پاڻي جو ڇوڙ ۽ ڀارتي نالن کان ايندڙ ٻوڏ وهڪرن سبب راوي درياهه ۾ مٿانهين درجي جي وهڪري جو امڪان آهي. پير پنجال رينج جي نالن شامل بين، بسنتر ۽ ڊيڪ ۾ به مٿانهين درجي جو وهڪرو ۽ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. راوي درياهه ۾ جسر جي هنڌ تي وهڪرو 1 لک 15 هزار رڪارڊ جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران 1 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين جو امڪان آهي. شاهدره جي هنڌ تي راوي جو وهڪرو 50 هزار 150 ڪيوسڪ رڪارڊ جڏهن ته ٿين ڊيم جا سپل ويز کلڻ جي صورت ۾ 90 هزار ڪيوسڪ تائين متوقع آهي. امڪاني برساتن ۽ ڊيم کان ڃوڙ جي صورت ۾ راوي درياهه جي لاڳاپيل علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي شهري درياهن، نالن ۽ هيٺاهين وارن علائقن کان پري رهن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عوام ٽي وي، ريڊيو، موبائل الرٽس ۽ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ ايپ ذريعي جاري ڪيل الرٽ ۽ هدايتن تي عمل ڪن. اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن ۽ ايمرجنسي سروسز کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪيو آهي.











