ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ جيڪو ييلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ جو هڪ انقلابي منصوبو آهي ان ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. ڄام صادق پل تي 38 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته بسن جي خريداري ۽ نظام کي فعال ڪرڻ جون تياريون هن سال جي آخر تائين شروع ڪيون وينديون. وڏي وزير جي ترجمان موجب اها اڳڀرائي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي …
ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ بس ريپڊ ٽرانزٽ جو هڪ انقلابي منصوبو آهي ان ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي: سنڌ حڪومت
ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ جيڪو ييلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ جو هڪ انقلابي منصوبو آهي ان ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. ڄام صادق پل تي 38 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته بسن جي خريداري ۽ نظام کي فعال ڪرڻ جون تياريون هن سال جي آخر تائين شروع ڪيون وينديون. وڏي وزير جي ترجمان موجب اها اڳڀرائي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ عالمي بئنڪ جي نئين ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگا بازار، صوبائي وزير ۽ عالمي بئنڪ جا سينيئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي عالمي بئنڪ سان 3.86 ارب ڊالرن جي پورٽ فوليو جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ تعليم، صحت، سماجي تحفظ، شهري نظم ۽ ضبط ۽ ٽرانسپورٽ جا 13 جاري منصوبا شامل آهن. ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ ييلو لائين منصوبي جو مقصد ڪراچي جي اهم رستن ۾ ييلو لائين وسيلي ٽرانسپورٽ، رسائي ۽ تحفظ کي بهتر بڻائڻ آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته پل جي تعمير جولاءِ 2024 ۾ شروع ٿي هئي ۽ هيستائين 38 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. فيز ون جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ 31 آگسٽ 2025 مقرر ڪئي وئي آهي. منصوبي جا ٻه ڊپو به تعمير هيٺ آهن جتي 16 سيڪڙو ڪم جي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ زمين جي بهتري ۽ بنيادي ڍانچي تي ڪم جاري آهي. بي آر ٽي ڪوريڊور فيز ون بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبو 12 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي بجيٽ 100 ملين ڊالر آهي. عالمي بئنڪ مئي 2025ع ۾ واڪ جي دستاويزن جي منظوري ڏني هئي. واڪ گهرائڻ جو عمل جاري آهي جنهن ۾ پيڪيج بي ٿري جي آخري تاريخ 29 آگسٽ 2025 مقرر آهي. هڪ جامع روڊ سيفٽي آڊٽ به مڪمل ڪئي وئي آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ايڊوائيزري بابت اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بسن جي فراهمي لاءِ ايڊوائيزري فيز ون، جنهن ۾ آپريشنل منصوبا ۽ مالي ماڊلنگ شامل آهي، مڪمل ٿي چڪي آهي. فيز ٽو تحت واڪ جي ڪاغذن جي تياري آڪٽوبر 2025 تائين مڪمل ڪئي ويندي. بسن جي فراهمي ۽ آپريشنز جي خريداري جو عمل ڊسمبر 2025 ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته سروس جو آغاز ڊسمبر 2027 ۾ ڪيو ويندو. فيز ٽو توسيعي مرحلو 7 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي بجيٽ 118 ملين ڊالر آهي. ڊيزائن منظور ٿي وئي آهي ۽ واڪ جي دستاويزن کي هم آهنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪم ۾ تسلسل قائم رهي. ان کان علاوه 71 ڪلوميٽرن تي ٻڌل فيڊر رستن جي به اپ گريڊيشن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. سنڌ ابتدائي تعليم سڌارا منصوبو پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائي جي مهارت ۽ شاگردن جي برقرار رهڻ جي شرح کي بهتر بڻائڻ لاءِ هن منصوبي تحت 12 ضلعن جي 295 اسڪولن لاءِ ٺيڪا ڏنا ويا آهن جن مان 260 اسڪول تعمير هيٺ آهن. هڪ خاص مانيٽرنگ ڊيش بورڊ ۽ اينڊرائيڊ ايپ ذريعي هر پل جي اڳڀرائي تي نظر رکي پئي وڃي. سولر پينل، فلٽريشن يونٽس، اسڪول فرنيچر ۽ ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل تعليمي مواد جي خريداري جاري آهي جيڪا نومبر 2025 تائين مڪمل ڪئي ويندي. سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ منصوبي تحت عورتن ۽ ٻارن لاءِ صحت جون سهولتون وڌايون پيون وڃن. “مامتا” ايپ کي پي ٽي سي ايل ڪلائوڊ ذريعي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ۽ ضلعي ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيا پيا وڃن. ٽيڪنيڪل عملي جي ڀرتي ۽ مربوط مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جي تنصيب مڪمل ٿي وئي آهي. توليدي، ويم، ٻارن ۽ نون ڄاول ٻارن جي صحت تي ڌيان ڏيندڙ هن منصوبي تحت 238 ڪميونٽي هيلٿ ورڪر ڀرتي ٿي ويا آهن، جن جي تربيت 25 سيپٽمبر 2025 کان شروع ٿيندي. خوراڪ پروگرام 15 ڊسمبر 2025 کان شروع ڪيو ويندو. ريفرل نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 60 ايمبولينسون خريد ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته 15 ڊسپينسريون 24 ڪلاڪ جي سهولت لاءِ اپ گريڊ ڪرڻ جي جائزي هيٺ آهن. ڪلڪ ۽ نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام،ڪلڪ منصوبو شهري نظم و ضبط، ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ ٺوس ڪچري جي انتظام کي بهتر بڻائي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين گهر گهر سروي ذريعي 18 لک جائيدادون رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهن. نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن مان 2 ارب رپيا مالي سال 2025-26 لاءِ رکيا ويا آهن ۽ هي منصوبو اسٽيئرنگ ڪميٽي کان منظوري حاصل ڪري چڪو آهي. وڏي وزير ۽ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري چيف متفق ٿيا ته انهن منصوبن کي وقت سر عوامي فائدي لاءِ مڪمل ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا ۽ گڏيل ڪوششون جاري رکيو وينديون.











