وزيراعظم پاران نيو انرجي وهيڪل پاليسي وقت جي ضرورت قرار، اها پاليسي حڪومت جي ماحول دوست قدمن طرف اهم اڳڀرائي آهي: شهباز شريف

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيو انرجي وهيڪل پاليسي کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته اها پاليسي حڪومت جي ماحول دوست قدمن طرف اهم اڳڀرائي آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، اي وي پاليسي سان موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن ۽ اولهه دنيا ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيو انرجي وهيڪل پاليسي کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته اها پاليسي حڪومت جي ماحول دوست قدمن طرف اهم اڳڀرائي آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، اي وي پاليسي سان موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن ۽ اولهه دنيا ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون پيون وڃن، سڄي ملڪ جي شاگردن کي قابليت جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپس ڏنا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيو انرجي وهيڪل پاليسي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزير همايون اختر، راڻا تنوير حسين، مختلف ملڪن جا هاءِ ڪمشنرز ۽ اعليٰ سفارتي عملدارن کانسواءِ سڄي ملڪ مان نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي صنعت واري وزارت جي نيو انرجي وهيڪل پاليسي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته نئين پاليسي حڪومت جي ماحول دوست قدمن طرف اهم اڳڀرائي آهي. هنچ يو ته پاڪستان جو ماحوليات کان متاثر ڪرڻ ۾ ڪردار سڀ کان گهٽ آهي پر پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. هن پاليسي ٺاهڻ جي لاءِ مدد تي سمورين ڌرين ۽ برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، 2022ع ۾ ٻوڏ جي ڪري 100 جي لڳ ڀڳ انساني جانين جو زيان ٿيو، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، هزارين گهرن کي مڪمل يا جزوي نقصان پهتو ۽ 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو جڏهن ته تازي ٻوڏ ۽ برساتن ۾ 700 انساني جانيون ضايع ٿيون، اترئين علائقن ۾ ڪيترائي خاندان متاثر ٿيا، ڳوٺ مٽجي ويا، اهو تمام وڏو چئلينج آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اولهه دنيا ۽ دوست ملڪن تي زور ڏنو ته اهي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۾ پاڪستان کي دوست ملڪن جي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کي اڪيلي منهن ٿو ڏئي سگهي، وڌيڪ قرضن ۽ مالياتي دٻاءُ کي برداشت نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن مان ميرٽ ۽ قابليت تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چونڊ ڪري اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون ويون آهن، بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ته اي وي پاليسي سان موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي قابليت جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپس ڏنا ويندا. هن هدايت ڪئي ته ان پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو وڃي ۽ 9 ارب بدران ايندڙ سال ان جي لاءِ وڌيڪ رقم رکي وڃي ته جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ اهي معاشري جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. ان کان اڳ وزيراعظم نيو انرجي وهيڪل پاليسي جو افتتاح ڪيو ۽ سڄي ملڪ مان تعليمي ميدان ۾ اهم ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس جون چاٻيون ورهايون. وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون هارون اختر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نئين انرجي وهيڪل پاليسي انڊسٽري جي جدت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پاليسي تحت روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي ڪري پيٽروليم کپت ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته سبز انقلاب پاڪستان جو روشن مستقبل آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته نئين انرجي وهيڪل پاليسي جاري ڪرڻ خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جو ڏينهن آهي، وزيراعظم جي ويزن تحت اسان جي گڏيل ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿيون، عالمي قانونن کي نظر ۾ رکندي انرجي وهيڪل پاليسي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته اسان صاف ۽ سرسبز ملڪ جي طور تي پنهنجي سڃاڻپ دنيا آڏو پيش ڪنداسين.