وزيراعظم پاران 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لوئر دير ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن دوران 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته سي ٽي …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لوئر دير ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن دوران 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته سي ٽي ڊي ۽ پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن کان حفاظت ۾ ڏينهن رات مصروف آهن، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي بهادر اهلڪارن ۽ آفيسرن تي فخر آهي. وزيراعظم آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ شهرين جي شهادت تي دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي ۽ انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.